سنجھوري ويجھو رڪن ٻرڙا ۾ نور شاھ قبرستان ۾ اڪبر بروهي پاران 7 سالن جي معصوم نينگري عنايت خاتون ڌي علڻ خاصخيلي سان مبينا ڏاڍائي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن تي 7 سالن جي عنايت خاتون رڙيون ڪيون ته پاڙي وارا ۽ قبرستان جو متولي پهچي ويا جنهن بعد مبينا جوابدار اڪبر خاصخيلي کي سوگھو ڪري ڪٽڪي ڪڍڻ بعد سنجھوري پوليس حوالي ڪيوويو ، واقعي بابت 7 سالن جي عنايت خاتون ميڊيا کي ٻڌايو ته اڪبر بروهي کيس زبردستي ٻانهن مان وٺي پنهنجي گھر وٺي هلڻ جو چيوجنهن بعد هو مونکي قبرستان وٺي آيو ۽ مونسان زيادتي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن تي مون رڙيون ڪيون ته پاڙي وارا ۽ قبرستان جو متولي پهچي ويا ، ان حوالي سان عنايت خاتون جي والد علڻ خاصخيلي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته آئون ريٽائرڊ فوجي آهيان ۽ آئون ڪنهن به صورت مبينا جوابدار اڪبر بروهي کي معاف نه ڪندس ۽ سندس خلاف قانوني ڪاروائي ڪندس ، هن چيو ته اهڙي وحشي درندي کي ائين آزاد ڇڏيو ويو ته هو ائينده به غريب ماڻهن جي عزتن سان کيڏڻ جي ڪوشش ڪندو ان ڪري هو ڪنهن راڄوڻي نبيري يا فيصلي بجاءُ مبينا جوابدار خلاف قانوني ڪاروائي ڪندو ، آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪو به ڪيس داخل نه ٿيو هو ......................................