¡Sorpréndeme!

سنجھورو ؛ سنجھوري ويجھو ڳوٺ مير محمد لغاري ۾ زمين جي تڪرار تان لغاري برادري جي ٻن ڌرين ۾ جھيڙي دوران 4 ڄڻا زخمي ٿي پيا ،

2015-04-17 1 Dailymotion

سنجھوري جي يونين ڪائونسل جعفرخان لغاري جي ڳوٺ مير محمد لغاري ۾ زمين جي ورهاست جي طريقئه ڪار تان لغاري برادري جي ٻن ڌرين ۾ تڪرار ان وقت شدت اختيار ڪري ويو جڏنهن لغاري برادري جي هڪ ڌر سلامت لغاري ، فرمان لغاري ۽ جي اڳواڻي ۾مبينا تڪراري زمين تي پوکائي جي ڪوشش ڪئي ته لغاري برادري جي ٻي ڌر مقبول احمد لغاري ، مقصود احمد لغاري وارن کين پوکائي کان روڪيو جنهن تان ٻنهي ڌرين ۾ جھيڙو ٿي پيو ، جھيڙي ۾ لٺيون لڳڻ ڪري مقبول احمد لغاري ، فرمان لغاري ، مقصود احمد لغاري ۽ سلامت علي لغاري زخمي ٿي پيا جن کي تعلقه اسپتال سنجھوري ۾ داخل ڪيو ويو جتان ڊاڪٽرن ايڪسري ڪرڻ کانپوءِ کين حيدرآباد منتقل ڪرڻ جي صلاح ڏني، آخري اطلاعن تائين سنجھوري ٿاڻي تي واقعي جوڪوبه ڪيس داخل نه ٿيو هو.